Tuesday , April 1 2025
Breaking News

نئب جو ڪوبه آفيسر ميڊيا سان نه ڳالهائيندو

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نئب لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل سليم شهزاد واري انٽرويوز کانپوءِ نئب چيئرمين اداري جي سمورن آفيسرز ۽ عملدارن تي ميڊيا سان ڳالهائڻ/انٽرويو ڏيڻ تي پابندي مڙهيندي چيو آهي ته ڪن هن کي ڪا به معلومات گهرجي ته اُهو نئبت جي ترجمان سان  رابطو ڪري اُهو ئي پاليسي بيان يا ڪنهن  ڪيس بابت موقف ڏيندو. نئب پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي حڪمن کانپوءِ نئب عملدارن جي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ  تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. نئب چيئرمين  نيب جي سمورن ڊي جيز، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن تي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، نيب چيئرمين چيو آهي ته جيڪڏهن ميڊيا کي ڪنهن ريفرنس يا ڪيس جي باري ۾ معلومات گهربل هوندي ته نيب ترجمان کي نيب جي موقف ڏيڻ جو اختيار هوندو. نيب جي پڌرائي موجب نيب چيئرمين چيو ته هو سمورن اسيمبلي ميمبرن جو احترام ڪري ٿو،ڊي جي نيب لاهور پاران ڏنل انٽرويو جو رڪارڊ پيمرا کان طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جو قانون موجب جائزو ورتو ويندو. نيب چيئرمين موجب ميڊيا جاري جاچ ۽ انويسٽيگيشن بابت قياس آرائين کان پاسو ڪري. نيب چيئرمين موجب بدعنوان عناصرن خلاف نيب سنجيدگي سان ڪوششون ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *