احتساب عدالت مڪاني ادارن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن ريفرنس جو چالان منظور ڪري ورتو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) نيب پاران مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪرپشن جي سپليمينٽري ريفرنس جو چالان خلاف درخواست رد ڪندي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ  خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري نيب جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار جي سپليميٽري ريفرنس خلاف اعتراضن بابت درخواست کي رد ڪري نيب طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ورتو. عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جوابدار خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي ۽ سندس خلاف نيب .طرفان 33 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جو ريفرنس پڻ داخل ڪرايل آهي

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *