ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب پاران مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪرپشن جي سپليمينٽري ريفرنس جو چالان خلاف درخواست رد ڪندي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري نيب جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار جي سپليميٽري ريفرنس خلاف اعتراضن بابت درخواست کي رد ڪري نيب طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ورتو. عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جوابدار خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي ۽ سندس خلاف نيب .طرفان 33 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جو ريفرنس پڻ داخل ڪرايل آهي
Check Also
سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ
اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …