Monday , March 31 2025
Breaking News

ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي به پاڻي جي انگن اکرن تي خدشا

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) انڊس رور سسٽم اٿارٽيءَ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي به سنڏو درياءَ ۾ پاڻي جي موجودگي وارن پيش ٿيندڙ انگن اکرن تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد ۾ ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي سومر ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ملڪ اندر پاڻي جي ذخيرن ۽ ورڇ تي غور ڪيو ويو، ڪميٽي پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي اتفاق نه ڪري سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ معاملو ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي ۾ رکڻ جو فيصلو ڪندي اجلاس بنا نتيجي جي ختم ڪيو ويو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق،

ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي اجلاس ۾ صوبن جي نمائندن ربيع جي مند لاءِ پاڻي دستيابي ۽ پاڻي جي موجودگيءَ بابت پيش ٿيندڙ/ سامهون ايندڙ انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاڻي جي ورڇ بابت سومر ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ڪنهن واضح نتيجي تي نه پهچي سگهي. جنهن بعد معاملو ارسا جي اڄوڪي اڱاري ڏينهن رٿيل اجلاس ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب خريف جي مند ۾ صوبن کي 35 کان 40 سيڪڙو تائين کوٽ جو منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن وقت سمورا ڊيم ڊيڊ ليول تي آهن، آبپاشي لاءِ پاڻي دستياب ناهي، 62 سيڪڙو گهٽ برساتون پوڻ سبب پاڻي جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *