Monday , March 31 2025
Breaking News

ارسا پنهنجي ئي موقف تان ڦِري وئي، پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پنجاب حڪومت کي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ارسا سن ڌو درياءَ ۾ پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ارسا جي ايڊوائزري ڪميٽي شديد کوٽ  جو اعتراف ڪرڻ باوجود سنڌ 43 سيڪڙو گهٽ پاڻي مهيا ڪرڻ جو نادر شاهي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن انڊس رور سسٽم اٿارٽي / ارسا جي صلاحڪاري / ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جين آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو، سنڌ جي نمائندي احسان لغاري سميت چئني صوبن جي آبپاشي کاتن ج ي سيڪريٽريز ۽ نماندن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي کي بريفنگ ڏيندي ٻڏايو ويو ته انڊس رور سسٽم ۾ پاڻي جي انتهائي خطرناڪ حد تائين کوٽ آهي، ان سان گڏ موسمياتي تبديلي سبب ملڪ ۾ هِن وقت پاڻي جي دستيابي به واضح ناهي. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي جي موجودگي بابت ايندڙ مئي مهيني جي پهرين هفتي ۾ پاڻي جي دستيابي تي ٻيهراجلاس سڏائي غور ويچار ڪيو ويندو. اجلاس ۾ واضح طور چيو ويو ته ايندڙ اپريل مهيني دوران به پاڻي جي 43 سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ ٿيندي، اپريل کان جون تائين معمول کان 30 سيڪڙو گهٽ برساتن ۽ وڌيڪ گرمي پد جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي اهڙي کوٽ اڳ ناهي آئي، آبادگار پاڻي دستيابي ڏسي پوکي ڪن، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 1998 کانپوءِ پاڻي کوٽ جي اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڊائون اسٽريم مان حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ ڪروڙين ماڻهن کي پئيڻ جو پاڻي فراهم ٿئي ٿو.

سيڪريٽري ارسا جو پنجاب کي جاري ڪيل پاڻي جي موجودگي جوسرٽيفڪيٽ سامهون اچي ويو

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *