ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير جا وڪيل ميدان ۾ نڪري پيا

ملير (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير بار ايسوسيئيشن پاران ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۽ ان ۾ ملوث بااثر جوابدار رحيم شاهه جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف ميدان ۾ لهي پيا آهن، رائو زاهد چيو آهي ته سومر ڏينهن (اڄ ) ملير ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ملير بار جي صدر رائو زاهد سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ملير بار پاران ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس وڙهڻ لاءِ قانوني ماهرن تي ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا ارشاد جي وارثن کي مفت قانوني مدد مهيا ڪندي. هن چيو ته چار ڏينهن گرڻ باوجود پوليس جوابدار کي ڄاڻي واڻي گرفتار نه ڪيو آهي. ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير بار ايسوسيئيشن سومر تي اڄ 11 فيبروري تي ھڙتال ڪري پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي.هن چيو ته ارشاد جي قاتلن کي نه صرف ڪيفر ڪردار تائين پهچائبو ۽ هن قتل ۾ سازشي ڀيانڪ رٿابندي ۽ سهولتڪارن کي قوم آڏو نروار ڪيو وڃي.ملير بار ارشاد رانجهاڻي جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ٿي ڪري.اسان ارشاد رانجهاڻي جي وارثن کي انصاف وٺي ڏيڻ لاء آخري حد تائين وينداسين.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *