Saturday , February 22 2025

ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه گرفتار: جاچ پوليس ملير

ملير(رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، اهڙي دعويٰ ملير پوليس ڪئي آهي. ايس پي جاچ ملير جو چوڻ آهي ته رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. رحيم شاهه جي گرفتاري اڄ شام تائين باقائده ظاهر ڪئي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته، رحيم شاهه جي گرفتاري هڪ ٻئي ڪيس ۾ ظاهر ڪئي ويندي،  ايس ايس ملير عرفان بهادر ۽ ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم اڄ ئي پريس ڪانفرنس ڪري رحيم شاهه جي گرفتاري ظاهر ڪندي. پوليس جو چوڻ آهي ته ارشاد رانجهاڻي جا وارث ڪراچي پهچن ۽ ارشاد جي قتل جو ڪيس/ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا، انهن جي ڪراچي پهچڻ جو انتظار آهي.ملير پوليس جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، جوابدار قتل جو اعتراف ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *