Tuesday , April 1 2025
Breaking News

اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر کيس اقتدار تي ويهارڻ وارن سان آهي: اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف

اسان جي جدوجهد انهن خلاف آهي جن هن ملڪ، ميڊيا، عدليا، پارليامينٽ ۽ قومي ادارن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي: نواز شريف جو اي پي سي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب

اسلام آباد ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته، جيڪڏهن ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي ته اسان کي جدوجهد جي روايتي طريقن کي ڇڏي بيباڪ فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان جي جدوجهد يا مقابلو عمران خان سان ناهي، اسان جي جدوجهد هن کي آڻيندڙن خلاف آهي، جن هن کي اليڪشن ۾ ووٽ چورائي هن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي، جن هن ملڪ، ميڊيا، عدليا، پارليامينٽ ۽ قومي ادارن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته جمهوري اصولن کي ڌڪ لڳڻ سان ووٽ جي عزت پائمال ٿيندي آهي ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين ذريعي من پسند نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن، بدقسمتي سان ملڪ کي اهڙي قسم جي تجربن جي ليبارٽري بڻايو ويندو آهي. نواز شريف چيو ته هڪ آمر کي آئين ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ پهريون ڀيرو عدالت آندو ويو ته سڀني ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ 2 ڀيرا آئين ٽوڙيندڙ کي هڪ ڪلاڪ به جيل ۾ نه وڌو ويو ۽ آئين تي عمل ڪندڙ اڃا تائين جيلن ۾ بند آهن، توهان کي خبر آهي ته ڪا جمهوري حڪومت اچي ته اُن جا هٿ پير ڪيئن ٻڌا ويندا آهن، هتي يا ته مارشل لا هوندو آهي، يا وري متوازي حڪومت قائم ٿيندي آهي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%a8%d9%8f%d9%86%da%8a%d8%a7%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%da%af%da%8f-%da%8f%d9%86%da%af%d9%8a-%d9%bb%d9%8a%d9%bd-%d8%aa%d9%8a-%d8%a8%d9%87-%d8%aa/

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *