“اسان ڪئنال ٺاهيون ٿا، اوهان کي ڪهڙو مسئلو آهي؟”: مريم نواز پ پ کي وائکو ڪري ڇڏيو

پاڻي اسان جو آهي، ڪئنال پنهنجي پئسن مان ٺاهيون ٿا، اوهان کي ڪهڙو مسئلو آهي؟ مريم نواز سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پنجاب جي دعويٰ ڪندي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ پيپلزپارٽي کي وائکو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پاڻي اسان جو آهي، ڪئنال پنهنجي پئسن مان ٺاهيون ٿا، اوهان کي ڪهڙو مسئلو آهي؟ مريم نواز سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پنجاب جي دعويٰ ڪندي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ پيپلزپارٽي کي وائکو ڪري ڇڏيو. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ختم ٿيڻ جي دعويٰ ڪندڙ پيپلزپارٽي خاص طور سنڌ حڪومت لاءِ نئون چئلينج سامهون اچي  ويو آهي، پنجاب جي  وزيراعليٰ ۽ ن ليگ جي قائد ميان نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز واضح ۽ چِٽَن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته، پاڻي پنجاب جو آهي، پنجاب حڪومت پنهنجي پئسن مان نوان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي، اوهان کي ڪهڙو مسئلو آهي. پنجاب جي  وزيراعليٰ مريم نواز سنڌو درياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ واري منصوبي تي اهڙو موقف اختيار ڪري، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي ان موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير مراد  علي شاهه سميت سموري پيپلزپارٽي اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پنجاب پاران سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو.

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *