اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، نواز شريف جي ٻنهي پٽ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي ريڊ وارنٽس جاري ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي منظوري بعد ٽنهي ڄڻن جي گرفتاري لاءِ انٽر پول سان رابطو ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايف آءِ اي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي پٽن حسن نواز، حسين نواز ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽنهي ڄڻن جا ريڊ وارنٽس جاري ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي منظوري بعد ٽنهي ڄڻن جي گرفتاري لاءِ انٽر پول سان رابطو ڪيو ويندو. واضح رهي ته حسن نواز ۽ حسين نواز جا ايون فيلڊ ريفرنس ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جا اثاثا لڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيل آهن.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …