اسلامي جمهوري اتحاد سان جڙيل اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ واري

آءِ جي آءِ جي هڪ جلسي جو ڏيک –  فائيل فوٽو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پناما ڪيس ۾ تاحيات نااهل ٿيل نواز شريف جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ماضي جي اتحاد اسلامي جمهوري اتحاد ( آءِ جي آءِ) کي فنڊنگ ڪرڻ بابت مشهور اصغر خان ڪيس به ٻيهر شروع ٿيڻ وارو آهي. سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٻڌڻي سومر ڏهاڙي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس ڪندي، ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سومر تي ٻڌڻي ڪندي. اڳوڻي آرمي چيف اسلم بيگ ۽ اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر اسد دراني درخواستون داخل ڪرايون آهن. عدالت درخواستگذارن کي نوٽيس جاري  ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌڻي سومر ڏهاڙي ٿيندي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *