اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان چوڌري نثار جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملڻ بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري صدارت دوران ايوان صدر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي، جنهن جون تصويري ثابتيون به موجود آهن. وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دفاع پاڪستان ڪائونسل 2009ع ۾ پ پ جي وفاقي حڪومت دوران ٺهي هئي، ان وقت پيپلزپارٽي ڪيڏانهن وئي هئي. وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته الزام هڻڻ پيپلزپارٽي جي عادت بڻجي وئي آهي، پ پ کي الزام هڻڻ بدران سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداري جڏهن پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن فرحت الله بابر ان کان لا علم هو ته کيس تصويري ثابتيون ڏئي سگهجن ٿيون…..
Tags Asif Zardari fedral home ministry
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …