اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوا مهينو اڳ اسلام آباد ۾ نشي واري حالت ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ پاڪستاني نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو مک جوابدار ڄاڻايل امريڪي سفارت خاني جوعملدار ڪرنل جوزف نيٺ آمريڪا هليو ويو آهي، جنهن تصديق امريڪي سفارتخاني جي ترجمان به ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ ٻن پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ملوث ريمنڊ ڊيوس کي به آمريڪا وڃڻ ڏنو ويو هو. پاڪستاني شهري کي چيڀاٽي ماريندڙ آمريڪي ڪرنل جوزف پاڪستان کان آمريڪا روانو ٿي ويو. اسلام آباد ۾ پاڪستاني شهري کي چيڀاٽيندڙ آمريڪي ملٽري اتاشي ڪرنل جوزف کي پرڏيهي کاتي طرفان سفارتي ڇوٽ ڏني وئي جنهن بعد هو نور خان ايئربيس تان خاص اڏام ذريعي آمريڪا روانو ٿي ويو. ڪرنل جوزف بابت پاڪستاني اختيارين آمريڪا کان درخواست ڪئي هئي ته ڪرنل جوزف کي حاصل سفارتي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي پر آمريڪا سفارتي ڇوڙ کي ختم نه ڪيو جنهن تي ان سهولت مان فائدو حاصل ڪندي ڪرنل جوزف آمريڪا روانو ٿي ويو. سفارتي ذريعن وڌيڪ چيو ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته ڪرنل جوزف جي خلاف ويانا ڪنونشن جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …