اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن ۽ پاڻي بجلي وارين ڪميٽيز گڏيل طور سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي ڌمڪين خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان جو علاج ڪالاباغ ڊيم ۾ ڳوليو ويندو آهي، حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي پَچر ڇڏي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري، فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ائين نه ٿئي جو سڀاڻي چيو وڃي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه رهي. سنڌ طاس معاهدي تي قومي اسميبلي جي پرڏيهي معاملن ۽ پاڻي بجلي وارن ڪميٽيز جو گڏيل اجلاس چيئرمين اويس لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽيز گڏيل طور سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي بيانن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عالمي بينڪ ڀارتي وزير اعظم جي بيانن جو نوٽيس وٺي. ڪميٽي ميمبر محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان جو علاج ڪالاباغ ڊيم ۾ ڳوليو ويندو آهي، ڪالاباغ ڊيم جي پَچر ڇڏي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو ته ائين نه ٿيو ته حڪومت چئي ته هاڻي ڪالاباغ ڊيم منصوبي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي ناهي بچيو. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏني ويندي، اميد ته ورلڊ بينڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. سيڪريٽري چيو ته پاڻي اسان لاءِ اهميت رکي ٿو، نريندر مودي جي تڪراري بيان واري معاملي کي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري آڏو اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي وارو معاملو اٿاريو، جيڪڏهن ڀارت معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پاڪستان وٽ مختلف آپشن موجود آهن. قانوني ماهر احمر بلال صوفي سنڌ طاس معاهدي تي قانوني معاملن تي ڪميٽيز کي آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي خلاف پاڪستان کي عالمي عدالت جو به در کڙڪائڻ جو به حق حاصل آهي.
Tags nATIONAL ASEMBLY WATER ISSUES WITH INDIA
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …