Saturday , April 19 2025

اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿي ويل چيني انجنيئر جو 12ڏينهن پراڻو لاش هٿ

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد  جي ڪوهسار واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل چيني انجنيئر جي پاراسرار موت پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جن ڪيونگ جو 12 ڏينهن پراڻو  جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته چيني شهري جي جسم تي تشد يا گولي وغيره جو ڪو به نشان ناهي، پوسٽ مارٽم اچڻ تائين حتمي طور ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي. ڪوهسار ٿاڻي ۾  13 اپريل تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، چيني شهري جن ڪيونگ گهران دوائون خريد ڪرڻ لاءِ نڪتو هو جيڪو 2 گذرڻ باوجود واپس ناهي آهي، پوليس ان وقت چيني شهري جي گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي هئي. ايف آءِ آر ۾ واضح طور ڄاڻايو ويو هو ته، جن ڪيونگ گهران نڪرڻ وقت موبائل فون ۽ ٻ يا ضروري سڃاڻپ وارا دستاويز گهر وساري ويو هو، هن کي اردو ڳالهائن به نه ايندي هئي. ايس پي عمر خان جو چوڻ آهي ته چيني شهري جي هٿ آيل لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جي اب تدائي رپورٽ مطابق جن ڪيونگ جي جسم تي ظاهري طور تي تشدد جو ڪو به نشان نه آهي، جيستائين پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ٿي اچي ايستائين سندس موت بابت حتمي طور تي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *