اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جي موسم شروع ٿي وئي، گادي واري شهر جي موسم جو پارو وڌڻ جو امڪان، پي ٽي آءِ جي احتجاجي ڪئمپ قائم، جماعت اسلامي مهانگائي خلاف اڄ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندي، ريڊ زون مڪمل طور بند، قلم 144 لاڳو. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي احتجاجن کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ انتظاميا ريڊزون کي سيل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪنٽيرنز ۽ ٻيون رنڊڪون رکي بند ڪيو پپيو وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي پارٽين تحريڪ انصاف ايوان پاڪستان سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي به مهانگائي ۽ بجلي جي وڌندڙ اگهن خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هاڻي اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ سياسي موسم جو پارو چڙهڻ شروع ٿي ويو آهي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …