Tuesday , April 1 2025
Breaking News

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني 3 ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب اختيارين ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب جي وڪيل ۽ جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته آغا سراج دراني کي اسلام آباد مان انٽيليجيس رپورٽ تي گرفتار ڪيو آهي، سراج  دراني نيب ڪراچي کي گهربل آهي انڪري کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جو راهداري رمانڊ ڏنو وڃي. احتساب عدالت جي جج نيب جي درخواست رد ڪندي اغا سراج دراني کي ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. آغا سراج دراني کي نيب اسلام آباد ۽ راولپنڊي گڏيل ڪارروائي ڪندي کيس اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو.

آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب بابت نيب پاران جاچ بابت خبر پڙهڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي 10 ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل طلب

 

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *