Sunday , April 20 2025
Breaking News

نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتارڪري ورتو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جو  راهداري رمانڊ وٺي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل مختصر پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. آغا سراج دراني تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ايم پي اي هاسٽل جي نئين عمارت جي اڏاوت جي فنڊز ۾ گهوٻين جا به الزام آهن. ڪراچي جي ٽيم آغا سراج دُراني کي نيب راولپنڊي ۽ نيب هيڊڪوارٽرز جي انٽيليجنس ونگ جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو آهي. آغا سراج کي سڀاڻي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دُراني اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ واقع هڪ هوٽل تي ترسيل هو ته نيب جي ٽيم ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *