Tuesday , April 1 2025
Breaking News

اصغر خان ڪيس جي شنوائي ٻيهر 15 اگسٽ کان شروع ٿيندي،اسلم بيگ ۽ نواز شريف کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ رولڙي جو شڪار ٿيل مشهور اصغر خان ڪيس جي هڪ ڀيرو ٻيهر شنوائي شروع ٿيڻ واري آهي. ڪيترن ئي مهينن کان رولڙي جي ورچڙهيل اصغر خان ڪيس 15 اگسٽ تي شڻوائي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 ميمبرن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪندي. سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ ڌر اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف، اٽارني جنرل خالد اختر، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ اسلم بيگ،اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ مهراڻ بئنڪ جي مالڪ يونس حبيب سميت سمورن لاڳاپيل اختيارين ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد جون هدايتون ڏئي چڪي آهي.

سنڌ جي وڏ وزارت جي ڪرسي تي هن ڀيري به ٻه وڏا وزير ويهندا..!!

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *