Wednesday , January 22 2025

افغانستان ۾ فوجي هليڪاپٽر تباهه،صوبائي ڪائونسل جي سربراهه سوڌو20 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪابل(سنڌسماءَچار  مانيٽنرگ ڊيسڪ) افعانستان جي انار دارا واري علائقي ۾ فوجي هيليڪاپٽر اڏام دوران پهاڙي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. افغانستان جي هڪ خابرو اداري موجب، افغانستان جي فراه صوبي جي انار دارا واري علائقي فوجي هيليڪاپٽر اوچتو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. 207-ڪي ملٽري ڪمانڊر ۽ ترجمان نجيب الله نجيبي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته، ٻه هيليڪاپٽر هڪ بئي جي وييجهي فاصلي تي اڏامي رهيا هئا، جن مان هڪ اوچتي ڪري تباهه ٿي ويو. ترجمان موجب، هيليڪاپٽر ۾، فراه جي صوبائي ڪائونسل جا ميمبر، ۽ فوجي عملدارن سميت 20 ڄڻا سوار هئا ۽ سڀئي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. افغانستان جي فوجي ترجمان نورالحق خليقي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ صوبائي ڪائونسل جو سربراهه فريد بختيار، ڪائونسل ميمبرن ۾ جميله اميني، نعمت الله خليل ۽ ٻيا ميمبر به شامل هئا، جن  جي نالن جي تصديق اڃا ناهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين؛ پاڪستان کي ايران جو آخري نوٽيس

پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *