افغانين کي شهريت ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟:اختر مينگل

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ ايم اين اي اخترجان مينگل افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظم جي اعلان تي اعتراض واريندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ سان لکت ۾ ڪيل معاهدي ۾ اسان جو ڇهون نڪتو بگالين جي ڏيهه نيڪالي/ سندن وطن واپسي جو شرط شامل آهي. اسلام آٻاد ۾ پارليامينٽ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو آھي ته، هڪ طرف پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي وزير عمران خان اعظم ڪراچي ۾ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ طرف پاڪ – افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي وزيراعظم افغانين کي شهريت ڏني پئي وڃي. اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن افغانين کي پاڪستاني شھريت ڏيڻي آهي ته پوءِ ڊيورنڊ لائن ڪهڙي ڪم جي ان کي به ختم ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي حمايت لاءِ اسان سان جيڪو لکت ۾ ٺاهه ڪيو ويو ان ۾ افغانين کي واپس موڪلڻ جو به شرط شامل آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *