اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن چونڊن سبب پهرين اپريل کان سرڪاري ادارن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مڪاني ادارن جي معطل ڪيل سمورن سربراهن کي به بحال ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري، ڪامياب ٿيل سمورن اميدوارن کي 4 آگسٽ تائين خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ کانپوءِ ئي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پهرين اپريل کان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري نوڪرين جِي ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي هئي، جيڪا اڄ کان ختم ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڀرتين تان پابندي هٽائڻ باوجود نگران حڪومتون اعليٰ عهدن تي مقرريون ۽ بدليون نه ڪري سگهنديون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن جَي سلسلي ۾ مڪاني ادارن کي معطل ڪرڻ وارو حڪم به واپس ورتو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار 4 آگسٽ تائين پنهنجن خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. پڌرائي موجب 4 آگسٽ کان هڪ ٻه ڏينهن کانپوءِ اميدوارن جِي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر آزاد اميدوار ڪنهن به جماعت ۾ شامل ٿي سگهندو.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …