ڪراچي/ ملتان (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پورڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي امريڪا ۽ افغان طالبان جي افغان حڪومت وچ ۾ معاهدي کي پاڪستان جي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير چيو آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ خوشيون ملنديون. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاملي تي اسان جو ڪم هڪ ميز تي آڻي ڳالهيون ڪرائڻيون هيون ۽ پاڪستان امريڪا ۽ افغان ڌرين کي هڪ ميز تي آندو. هن چيو ته، امن جنگ سان قائم ناهي ٿيندو، اهو اسان جو موقف رهيو آهي ۽ دنيا ان کي تسليم به ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي به ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڙيسري ۽ خيرخواه جي حيثيت ۾ پاڪستان افغانستان سان گڏ آهي. افغانستان جي معاملي تي پاڪستان پنهنجو ڪردار اداڪري ڇڏيو آهي. افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغان عو ام پاڻ ڪندو.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …