ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، الهڏنو خواجا جي بدلي روڪي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران سرڪاري وڪيل پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته، سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد وفاقي سرڪار کي سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ 22 گريڊ جي 3 آفيسرز جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا. جنهن تي وفاقي حڪومت سردار عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي عدالت اي ڊي خواجا جي بدلي کي روڪيندي حڪم ڏنو ته، آءِ جي سنڌ جي مقرري بابت سپريم ڪورٽ ۾ به ساڳئي نوعيت جي هڪ درخواست ٻڌڻ ي هيٺ آهي. جيستائين ان جو فيصلو نه ٿو اچي ايستائين موجوده آِ جي پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ ان کي بدلي نه ڪيو وڃي. اهڙو حڪم ڏيندي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
Tags AD Khuwaja continue as IGP SIndh AD Khuwaja remain IG sindh till the supreme court judgment IG sindh will continue IGP Sindh
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …