اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جو پٽ گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ڏيتي ليتي ڪندڙ انو مجيد جو پٽ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. انور مجيد جي پٽ نمر انور مجيد کي ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ويجهو عدالت طرف ويندي گرفتار ڪيو ويو آهي. نمر مجيد کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڏ منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نمر انور مجيد کي سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *