ايس ايڇ او بيڏوهي؛ ٺل جي ٿاڻي اندر ناري پوليس اهلڪارن اجتماعي زيادتي ڪئي: آءِ جي سنڌ جو اعتراف

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جا وڏا وڏا انڪشاف، ٺل جي ٿاڻي ۾ ناري سان پوليس اهلڪارن جي اجتماعي زيادت جي تصديق پر ايس ايڇ او بيڏوهي قرار. آءِ جي سنڌ جاويد  عالم اوڍو سينيٽ جي گهرو وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ آڏو اعتراف ڪيو آهي ته ٺل جي ٿاڻي ۾ ناريءَ سان پوليس اهلڪارن واري  واري سان اجتماعي زيادتي ڪئي، ٿاڻي جو ايس ايڇ او بيڏوهي آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سينيٽ جي ڪميٽي آڏو بريفنگ ۽ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، چوري جي الزام هيٺ آيل ڌر جي گرفتار ڪيل ٻن عورتن مان هڪ ناري سان ٿاڻي اندر پوليس اهلڪارن ٻُٽو ٻڌي ناري سان واري واري سان زيادتي ڪندا رهيا، پر ٿاڻي جو ايس ايڇ او بيڏوهي آهي، ڇو ته اهلڪار ٻٽون ٻڌي ناري سان زيادتي ڪندا رهيا انڪري ناري سمجهيو ته ايس ايڇ او به ساڻس زيادتي ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ايڇ ايڇ او زيادتي معاملي مان آجو ڪندي چيو ته، جيئن ئي کيس اطلاع مليو ته ناري سان ٿاڻي اندر پوليس اهلڪارن اجتماعي زيادتي ڪئي آهي ته هن ايس ايس پي جيڪب آباد کي ڪارروائي لاءِ سخت هدايتون اجري ڪيون، معاملي جو ڪيس داخل ٿيو، سمورن اهلڪارن کي گرفتار ڪري نوڪرين مان به نيڪالي ڏني.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو ته ٺل جي ٿاڻي اندر ناري سان زيادتي ايس ايڇ او نه پر اهلڪارن ڪئي.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *