Tuesday , April 22 2025

ايف آءِ اي جو ڪراچي ۾ ڇاپو، ڏيڍڪروڙ جي چيڪس سوڌو حواله هنڊي ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي(ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ ٽولي جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته جواب دار جي قبضي مان ڏيڍ ڪروڙ رپين جا چيڪس، 40 لک رپيا روڪ به هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي صدر واري علائقي جي ڪوهه نور مارڪيٽ ۾ هڪ آفيس تي ڇاپو هڻي حواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث ٽولي جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار محمد خالد جي قبضي مان ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا هڪ سئو کان وڌيڪ چيڪس، سرٽيفڪيٽس، هڪ ليپ ٽاپ ۽ 40 لک رپيا روڪ به هٿ ڪيا ويا آحن. ايف آءِ اي عملدارن موجب جوابدار محمد خالد حوالا هنڊي ۾ ملوث ٽولي جو اهم ميمبر آهي ۽ سندس واسطو نجي ڪاروباري ڪمپني سان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *