Sunday , February 23 2025

ايف اي ٽي ايف جو هڪ وڌيڪ شرط منظور، ساڍا 7 ۽ 15 هزارن جا بانڊز ختم

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ فنشانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) جو هڪ وڌيڪ شرط قبول ڪري ورتو آهي، حڪومت ساڍن ستن هزار ۽ 15 هزارن وارا پرائيز بانڊز ختم ڪري ڇڏيا، نوٽفيڪشن به جاري، بانڊز تبديل ڪرائڻ لاءِ 30 جون مقرر ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف پاران لاڳو ڪيل شرطن مان هڪ وڌيڪ شرط قبول ڪندي ان تي عملدرآمد جو شيڊيول به تيار ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار ايف اي ٽي ايف جي شرط تحت حڪومت ساڍا ست هزار ۽ 15 هزار رپين وارا بانڊز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ناڻي واري وزارت اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جن به ڪاروباري ماڻهن يا شهرين وٽ ساڍا 7 هزار جا بانڊز 30 جون ۽  15 هزار رپين وارا بانڊز 15جولاءِ تائين ڪيش ڪرائي سگهن ٿا، تاريخ گذري وڃڻ کانپوءِ اُهي سڀ بانڊز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو ئي رهجي ويندو ان جي ڪا به اهميت نه هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *