ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مشهور واپاري ۽ فيڊريشن آف پاڪستان ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اڳوڻو صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن کي پوليس سوگهو ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي. مٿن الزام آهي ته هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي ٽيڪس ۾ ٺڳي ڪئي ڪري ملڪي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. عدالت، ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن جون ضمانت درخواستون رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار ماجد علي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. جوابدار عبدالواحد، ڪاشف، نصير ۽ عبدالرئوف اڳ ئي جيل ۾ آهن.جوابدارن سيلز ٽيڪس ۽ ٽيڪس ري فنڊ جي نالي تي قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.
Tags FPCCI sindhsamaachar Zubair Tufail Zubair Tufail sindhsamaachar
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …