اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان بهادر آباد ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي ٽولين ۾ ورهائجڻ وارو سلسلو اڃا جاري آهي ت، متحده پاڪستان جي خلاف هڪ نئين مصيبت ڪڙڪي پئي آهي. مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي متحده جي 10 اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم باني ۽ حوارين جو گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو، ايف آئي اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي 10 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم تي 2 ارب رپيا خدمت خلق فائونڊيشن ذريعي لنڊن موڪلڻ جو الزام آهي، جن اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر صغر احمد جيڪو هن وقت پي ايس ۾ وڃي چڪو آهي، محمد شاهد، محمد زبير، محمد طاهر، روئف مغل، منظور احمد، ڪيف الورا، محمد عمران، رفيق راجپوت ۽ ڪمال صديقي شامل آهي.
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …