ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي جي فيلڊ آفيسرز جَي ٻن ڏينهن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن تي تربيتي پروگرام جي تقريب ۾ جسٽس محمد علي مظهر، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز اقبال ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر، چيف سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن تربيتي پروگرام ڪرائڻ ۽ فيلڊ آفيسرز کي اينٽي ڪرپشن قانون بابت تربيتي پروگرام ڪرائڻ تي ڊائريڪٽر ليگل قدير احمد انصاري کي تعريفي شيلڊ به ڏنو.
ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ ڊائريڪٽر ليگل قدير احمد انصاري جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جو سنڌ حڪومت جي سمورن ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار آهي، ان لاءِ فيلڊ آفيسرز کاتي جو اثاثو آهن، انهن کي هر طرح جي قانون خاص طور تي اينٽي ڪرپشن لاز کي سمجهڻ ضروري آهي. معاشري مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.