اين ايف سي جا ٽي او آرز، سنڌ حڪومت اعتراض واري ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) صدر عارف علوي پاران اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت ٻيھر جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي به اعتراض واري ڇڏيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت آئين ۾ طريقيڪار واضح ٿيل آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم عمران خان کي خط لکي پهريون نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته، اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ٽي او آرز تي اسان کي سخت اعتراض آھن، ڇو ته آھي ٽي او آرز آئين جي خلاف آھن.

خط۾ وڏي وزير چيو آھي ته، وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت آئين جي آرٽيڪل 78 کان 83 تائين طريقيڪار واضح ٿيل آھي، پر صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن ۾ وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت جيڪي شرط رکيا ويا آهن اھي آئين سان سڌا سنوان ٽڪراءَ ۾ آهن انڪري آھي واپس ورتا وڃن.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *