مظفر ڳڙهه (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بي رحم سياست چئجي يا سياسي راند، جيڪو به کٽي پارليامينٽ جي سيٽ ڦري گهري وري به گهر ۾، گذريل ننڍي چونڊ دوران مظفر ڳڙهه ۾ ماءُ پنهنجي موڀي پٽ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن مطابق پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 272 تي ماءُ ۽ پٽ هڪ ئي سيٽ لاءِ چونڊ وڙهي. آزاد اميدوار هارون سلطان بخاري جو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ پنهنجي ماءُ زهريٰ بتول سان مقابلو هو ۽ ڪاميابي ماءُ جي حصي ۾ آئي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي زهريٰ بتول 24019 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي، جڏهن ته سندس پٽ آزاد اميدوار هارون احمد سلطان 17072 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …