ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي شرم نه آيو؟، قلم144جي ڀڃڪڙي دهشتگردي ڪيئن بڻجي وئي، جنهن به قلم لڳايا آهن آهن اُهو به جاهل، جيڪو هتي اهو ڪيس کڻي آيو آهي اُهو به جاهل آهي: اي ٽي سي ڪورٽ جو جج

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ ستين ڊسمبر تي سنڌ جي ايڪتا ثاقفتي ڏينهن جي موقعي تي ريلين کي روڪڻ خلاف احتجاج تي پوليس پاران نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس ختم، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪيس داخل ڪندڙ پوليس اهلڪارن، داخل ڪرائيندڙ ۽ جاچ آفيسر کي جاهل قرار ڏيندي ڪيس جوڊيشل مئجسٽريٽ کي اماڻي ڇڏيو، دهشتگردي وارا قلم ختم، مئجسٽريٽ جي عدالت نوجوانن کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، کين اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ستين ڊمسبر تي ثقافتي ريلي کي شاهراهه فيصل تي ريجينٽ پلازا وٽ روڪڻ تان پوليس ۽ سنڌي نوجوانن وچ ۾ ڇڪتاڻ تان دهشستگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ پوليس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج پوليس پاران داخل ڪيل ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ گرفتار ڪيل نوجوانن جي پوليس جي رمانڊ واري درخواست رتترد ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڇو ڪيا ويا آهن؟ عدالت پاران گرفتار ڪارڪنن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي رمانڊ ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪارڪنن وارو ڪيس جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي شرم نه آيو؟، قلم144جي ڀڃڪڙي دهشتگردي ڪيئن بڻجي وئي؟. جنهن تي ڪيس جي جاچ آفيسر چيو ته مون دهشتگردي جا قلم نه لڳايا آهن، ڪيس جي فريادي جي درخواست تي دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا. جنهن تي عدالت جاچ آفيسر ڱي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جنهن به قلم لڳايا آهن آهن اُهو به جاهل، جيڪو هتي اهو ڪيس کڻي آيو آهي اُهو به جاهل آهي. جنهن بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي گرفتار ڪيل سياسي ڪارڪنن کي پوليس جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي ڏکڻ جي عدالت12جوابدارن جو هڪ ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪيو.
سنڌسماءَچار