
ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن پنهنجي انتها تي پهچي وئي آهي، جتي آفيسرن کي اضافي چارجن جون نوازشون، اربين رپين جي مبينا خردبرد ۽ اختيارن جي جنگ سبب کاتو بحران جي ور چڙهي ويو، من پسند آفيسرن کي سياسي آشيرواد هجڻ ڪري بنا خوف جي سرڪاري فنڊز ۽ ملڪيتون ذاتي ملڪيت سمجهڻ لڳا. ان سسسلي ۾ سنڌسماءَچار کي کاتي جي ذريعن سرڪاري دتاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته زراعت کاتي جا اعليٰ آفيسر، جن ۾ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل بيورو اينڊ سپلاءِ، ڪنٽرولر ۽ ٻيا شامل آهن، اربين رپين جي ڏي وٺ وارن معاملن تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون آهن، جنهن کي صوبائي وزير به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بيوروڪريسي جي هن راند حڪومتِ سنڌ جي ساک کي به نقصان پهچايو آهي. الزام آهي ته ايگريڪلچر سيڪريٽري محمد زمان ناريو جي مبينا سسٽم سبب کاتي کي اربين رپين جو نقصان پهتو. آفيسرن وچ ۾ ڪرپشن ۽ مالي ڏي وٺ وارن معاملن تي جهيڙا کلي سامهون اچڻ سبب سرڪاري خزاني کي مسلسل نقصان پهچي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آحي ته کاتي جي سيڪريٽري محمد زمان ناريجو پاران عديل شيخ کي عهدو ڇڏايو ويو ۽ سندس خلاف جاچ به شروع ڪئي وئي آهي، ان باوجدو به شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جاچ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا معاملا دٻايا ويا آهن. سيڪريٽري زمان ناريجو جي بااعتماد ۽ سسٽم جو حصو بڻيل احمد علي شيخ کي به عهدو ڇڏائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي آفيسرن تي هاري ڪارڊ، ڀاڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون جي نالي تي اربين رپيا هڙپ ڪرڻ جا الزام آهن. عديل شيخ خلاف ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ذيلي ادارن ۾ به آفيسر هڪ ٻئي جي خلاف ٿي بيٺا آهن، جنهن سبب اداري کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. ان سموري صورتحال تي صوبائي وزير جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي.
ٻئي پاسي ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ذيلي اداري سپلاءِ اينڊ بيورو ۾ ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڪنٽرولر ويٽ اينڊ ميئرمنٽ وچ ۾ اختيارن جي جنگ شدت اختيار ڪري وئي آهي. ايگريڪلچر سيڪريٽري محمد زمان ناريو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪنٽرولر ويٽ اينڊ ميئرمنٽ کي ڊي جي بيورو اينڊ سپلاءِ جي ماتحت ڪيو، جنهن خلاف ڪنٽرولر عدالت سان رجوع ڪندي 10 فيبروري تائين اسٽي آرڊر حاصل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بيوروڪريسي اندر اختيارن ۽ ڪرپشن جي معاملن تي کلي جنگ جاري آهي، جتي آفيسر هڪ ٻئي جي حڪمن کي نظرانداز ڪري پنهنجا فيصلا لاڳو ڪري رهيا آهنذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سپلاءِ اينڊ بيورو، ويٽ اينڊ ميئرمينٽ ۾ ڪجهه آفيسرن تي سسٽم غيرمعمولي مهربان آهي، جن ۾ ڪنٽرولر زاهد سومرو جي مبينا سسٽم تحت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ کاتي جا معاملا هلايا پيا وڃن، جتي محمد ريحان ۽ عقيل ميمڻ کي سڀ کان وڌيڪ بااثر ۽ لاڏلا آفيسر قرار ڏنو پيو وڃي. الزام آهي ته اهي ٻئي آفيسر اضافي چارجن سان گڏ ڪمپنين، پيٽرول پمپن ۽ ٻين وڏن واپاري ادارن کان ماهوار وصوليون ڪن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد ريحان ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ پنهنجن نجي ماڻهن ذريعي پيٽرول پمپن، ڪمپنين ۽ ٻين واپاري ادارن کان ماهوار وصولي ڪري ٿو. جڏهن ته 1996ع ۾ انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيندڙ عقيل ميمڻ، پي ايس او ڪيماڙي تي ڊگهي عرصي کان مقرر آهي. کيس گريڊ 17 ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ جنوري 2026ع ۾ گريڊ 18 ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر طور ترقي ڏني وئي، پر ان باوجود هو اڃا تائين پي ايس او ڪيماڙي تي انسپيڪٽر جو اضافي چارج به سنڀالي ويٺو آهي.
ذريعن موجب عقيل ميمڻ ذوالفقار آباد تي به مقرر آهي، جتان مبينا طور ماهوار وصوليون ڪيون وڃن ٿيون. ٻي طرف الزام آهي ته زراعت سيڪريٽري سينئر آفيسرن کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي جونيئر آفيسر کي غيرمعمولي ترقي ڏئي گريڊ 18 تائين پهچايو، جنهن سبب کاتي ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي وئي آهي. ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ جاري اختيارن جي جنگ، مبينا ڪرپشن ۽ اندروني تڪرارن نه رڳو اداري جي ساک کي نقصان پهچايو آهي، پر عوامي وسيلن جي تحفظ بابت به سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به وڏي ۽ شفاف ڪارروائي سامهون نه اچي سگهي آهي. سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن پنهنجي انتها تي پهچي وئي آهي، جتي آفيسرن کي اضافي چارجن جون نوازشون، اربين رپين جي مبينا خردبرد ۽ اختيارن جي جنگ اداري کي سخت بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سرڪاري رڪارڊ ۽ ذريعن موجب زراعت کاتي جا اعليٰ آفيسر، جن ۾ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل بيورو اينڊ سپلاءِ، ڪنٽرولر ۽ ٻيا شامل آهن، اربين رپين جي ڏي وٺ وارن معاملن تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون آهن، جنهن کي صوبائي وزير به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بيوروڪريسي جي هن راند حڪومتِ سنڌ جي ساک کي.
سنڌسماءَچار