اي دوست! مان تنهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان-اصغر آزاد

اي دوست! مان تنهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان-اصغر آزاد

جيڪڏهن اُهو شخص اوهان جو صفا ويجهو مائٽ يا دوست هوندو ته ممڪن آهي ته هُو اوهان کي ڪجهه به ٻڌائڻ کانسواءِ سُڏڪي پوي، ڇو ته اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڪنهن اعتماد واري، احساس رکندڙ حال ڀائي جي ئي جهولي يا ڪُهلو گهرجندو آهي.

زندگيءَ ۾ اوسي پاسي، ڄاڻ سڃاڻ وارن، مِٽن مائٽن، دوستن ۾ اهڙا کوڙ الميا مشاهدن مان گذريا آهن؛ جن ۾ اڪثر ڪري ملندا ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ملندا، روايتي انداز ۾ حال احوا وٺبو ته چوندا، ” زبردست، عاليشان، وقت سٺو پيو گذري، سڀ ٺيڪ آهي وغيره وغيره….“.

جيڪڏهن اوهان دل سان اهڙي ڪنهن به دوست، مِٽ مائٽ يا ويجهي عام رواجي ئي سهي ڄاڻ سڃاڻ واري کان حال احوال پڇندئو ته پڪ سان هو ڀلي اُهي ساڳيا لفظ چوي پر وٽ اُهي ٽهڪ نه هوندا، مسڪراهٽ زخمي هوندي، ته سمجهي وڃجو ته هُو چاهيندي به اوهان کي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهي، هو اُهو نه ٿو ٻڌائي سگهي ته وٽس ٻارن جي فيس جا پئسا ناهن، گهر ۾ ڀاڄي، اٽو يا ڪجهه ٻيو ضرورت جو سودو سلف ناهي. هو اهو به نه چئي سگهندو ته کيس  فلاڻو عارضو / بيماري يا طبعيت جي خرابي آهي ۽ ڊاڪٽر کان مڪمل چيڪ اپ ڪرائي باقائدگيءَ سان علاج ڪرائڻ جي طاقت ناهي. هن وٽ گهر جي ڪرائي يا بجلي بِل ڀرڻ جي  وسعت ناهي، هن وٽ گهر ۾ فرج ته پري رهيو پر پاڻي جو ڪُلر به ناهي ته ويهه پنجويهه رپين جي برف وجهي ٻچڙن کي ٿڌو پاڻي پياري سگهي. ها! خودداري چئو يا اناپرستي اهڙا ماڻهو ناهن ٻڌائي سگهندا.

جيڪڏهن اُهو شخص اوهان جو صفا ويجهو مائٽ يا دوست هوندو ته ممڪن آهي ته هُو اوهان کي ڪجهه به ٻڌائڻ کانسواءِ سُڏڪي پوي، ڇو ته اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڪنهن اعتماد واري، احساس رکندڙ حال ڀائي جي ئي جهولي يا ڪُهلو گهرجندو آهي.

اڪثر ڪري ماڻهو چاهيندي به ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري جي ته ڇڏيو ڪنهن دوست جي به مدد ناهي ڪري سگهندو، رهجي ويندو آهي ته دل تي هڪ بار، اندر ۾ پڇتاءُ، شرمندگي، اڪيلائيءَ ۾ اکين جا ڀڳل بند. هي ڀڳل ٽُٽَل سِٽون لکندي منهنجي آلين اکين آڏو اهڙا ڪجهه چهرا گهمي رهيا آهن، جن جي ڳلن تان ڳوڙها وهي رهيا آهن.

ائين به انهي ته ڪو اهڙا ماڻهو محنت ۽ جستجو نه ٿا ڪن نه هرگز ائين ناهي، پر شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اڄڪلهه جي مهانگائي، گهٽ آمدني، روزگار جا بهتر ۽ ٽَي نه پر ٻه ويلا ئي سهي ٻچڙن جو پيٽ ڀري سگهن، اولاد کي پڙهائي سگهن، نيلامي / سيڪنڊ هينڊ  ئي سهي لٽا ڪپڙا وٺي ڏئي سگهن، سياري جي سرد راتين ۾ ڪو ڍنگ جو اوڇڻ وٺي سگهن.

اي دوست! مان تنهنجي  آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان…..

About admin

Check Also

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد قومي تحريڪ ته …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *