اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري کي عمران خان جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير مراد سعيد جو قلمدان تبديل ڪري کيس مواصلات وارو مملڪتي وزير بڻايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست سيد ذوالفقار عباس بخاري کي وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار مقرر ڪيو ويوآهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ ذلفي بخاري کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، زلفي بخاري سمنڊ پار ۽ هيومن ريسورس ڊولپمنٽ جي معاملن کي ڏسندو، سندس عهدو مملڪتي وزير جي برابر هوندو. واضح رهي ته عام چونڊن دوران زلفي بخاري عمران خان جي چونڊ مهم ڀرپور طريقي سان هلائي هئي.ٻئي پاسي وفاقي سرڪار مملڪتي وزير مراد سعيد جو قلمدان تبديل ڪري کيس مواصلات وارو قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي سيفران وارو مملڪتي وزير بڻايو هو پر مراد سعيد پنهنجي وزارت جون ذميواريون نه سنڀاليون هيون.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …