Tuesday , April 1 2025
Breaking News

اُم رباب چانڊيو پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ 2 جون جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو،3جون تي ڌرڻي جو اعلان

دادو ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ قتل ڪيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، مقتولن جي نياڻي اُم رباب چانڊيو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت کي 2 جون تائين جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته 3 جون تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.  اڃا گرفتار نه ٿيا آهن، متاثر ڪٽنب جي نياڻي ۽ وڪيل اُمِ رباب پاران 3 جون تي ميهڙ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ قتل ڪيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار نامزد ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي پير محمد شاهه سردار چانڊيو جي ڀاءُ برهان چانڊيو جو نالو ڪڍي ڇڏيو هو.

پوليس قتل ڪيس ۾ رڳو ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي پر ٻيا جوابدار اڃا تائين قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن. متاثر ڪٽنب جي نياڻي ۽ وڪيل اُمِ رباب پاران 3 جون تي ميهڙ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. وڪيل ام رباب سنڌ واسين کي ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پ پ جي حڪومت ۾ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ۽ هاڻي پ پ جي حڪومت ختم ٿي رهي آهي کيس اميد آهي ته ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا. وڪيل ام رباب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪيو هو ۽ بعد ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کيس انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر جوابدار  گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *