Wednesday , January 22 2025

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 محافظ مارجي ويا، غالب ڊومڪي، گهر واري، پوٽَي ۽ هڪ محافظن سميت زخمي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو. مارجي ويل محافظن جا لاش ۽ مير غالب ڊومڪي سميت چئن زخمين کي سکر نجي اسپتالن ۾ منتقل

شڪارپور / خانپور ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 محافظ مارجي ويا، غالب ڊومڪي، گهر واري، پوٽَي ۽ هڪ محافظن سميت زخمي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو. مارجي ويل محافظن جا لاش ۽ مير غالب ڊومڪي سميت چئن زخمين کي سکر نجي اسپتالن ۾ منتقل ڪري داخل ڪيو ويو آهي.

مير غالب ڊومڪي پنھنجي گهر ڀاتين سان گڏ چاچي طارق خان جي وفات تي بخشاپور وڃي رھيو ھو ته فيضو لاڙي ويجهو ڌاڙيلن مٿس حملو ڪيو. اسپتال ۾ علاج بعد مير غالب ڊومڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، 10 کان وڌيڪ ڌاڙيلن سندس گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هن گاڏي بيهارڻ جي ڪوشش ڪندي اشارن سان ڌاڙيلن کي فائرنگ نه ڪرڻ جو چيو، پر جيئن ئي گاڏي آهستي ٿي ته ڌاڙيلن سڌي فائرنگ ڪري ڏني. مير غالب ڊومڪي  جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ سندس ٻه محافظ شهيد ٿي ويا، گوليون لڳڻ سبب سندس گهر واري، پوٽو ۽ ٻه هڪ محافظ زخمي ٿي پيو، سندس محافظن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جنهن جو نالو نادر ميراڻي ٻڌايو پيو وڃي، جوابي فارئنگ ۾ ڪجهه ڌاڙيل زخمي به ٿيا، جن کي سندن ساٿي کڻي فرار ٿي  ويا. غالب ڊومڪي جو ابتدائي علاج ڪرڻ بعد کيس فارغ ڪيو ويو، جنهن بعد مير غالب ڊوومڪي کي  گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جِي اڳوڻي ايم پي اي غالب ڊومڪي ۽ سندس ڪٽنب تي ٿيل حملي جِي مذمت، ٻن محافظن جَي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي وڏيموزير کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري  ورتا، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته غالب ڊومڪي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *