لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ جو تاحيات قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف به جوتا ڪلب جو ميمبر بڻجي ويو آهي. اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، لاهور ۾ جامعيه نعيميه جي سالياني مفتي اعظم اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ بعد جيئن کي خطاب ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي پهتو ئي مَسَ ته اتي موجود ماڻهن مان هڪ شخص نواز شريف کي جوتو اڇلايو/هنيو، جيڪو نواز شريف کي کاٻي ڪُلهي ۾ لڳو ۽ نواز شريف انتهائي خوفزده ٿي ويو. جو تو لڳڻ بعد اتي موجود جامعيه جي انتظاميه نواز شريف کي جوتو هڻندڙ شخص پڪڙي ڪٽڪو ڏئي پنهنجي تحويل ۾ رکيو ويو، جنهن بعد حد جي پوليس کي گهرائي ان جي حوالي ڪيو ويوآهي. ميڊيا رپورٽس موجب نواز شريف تي جوتو اڇلائيندڙ/هڻندڙ شخص جو نالو منور ٻڌايو پيو وڃي، پر اڃا تائين جامعيه نعيميه سميت پوليس به ان جي نالي جي تصديق ناهي ڪئي.
هي به پڙهو
http://www.sindhsamaachar.com/2018/02/25/%D9%BE%D8%A7%DA%AA%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86-%DB%BE-%D8%B3%D9%8A%D8%A7%D8%B3%D8%AA%D8%AF%D8%A7%D9%86%D9%86-%D8%AA%D9%8A-%D8%AC%D9%88%D8%AA%D8%A7-%DA%87%D9%84%D8%A7%D8%A6%DA%BB-%D9%88%D8%A7%D8%B1%D9%88/