اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت
Asghar Azad
September 22, 2018
پاڪستان
1,155 Views

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم اعظم ۽ پ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ راجا پرويز اشرف جي گاڏي جي ٽڪر ۾ پنجاب پوليس جو نوجوان اهلڪار فوت ٿي ويو آهي، پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حادثي وقت گاڏي ڊرائيور هلائي رهيو هو. ميڊيا رپورٽس مطابق حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ ذيشان جي نالي سان ٿي آهي، ذيشان راولپنڊي پوليس لائنز ۾ مقرر ٿيل هو. پوليس حادثو جو ڪارڻ بڻيل گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. راجا پرويز اشرف جي گاڏي سرڪاري نمبر پليٽ؛ جَي يو 027 جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل اهلڪار ذيشان جو مڙهه پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

