اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم اعظم ۽ پ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ راجا پرويز اشرف جي گاڏي جي ٽڪر ۾ پنجاب پوليس جو نوجوان اهلڪار فوت ٿي ويو آهي، پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حادثي وقت گاڏي ڊرائيور هلائي رهيو هو. ميڊيا رپورٽس مطابق حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ ذيشان جي نالي سان ٿي آهي، ذيشان راولپنڊي پوليس لائنز ۾ مقرر ٿيل هو. پوليس حادثو جو ڪارڻ بڻيل گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. راجا پرويز اشرف جي گاڏي سرڪاري نمبر پليٽ؛ جَي يو 027 جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل اهلڪار ذيشان جو مڙهه پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *