باڊهه ۾ بي رحم پٽ جو 500 رپيا نه ڏيڻ تي ٻڍڙي امڙ ۽ نابين ڀاءُ تي تشدد

لاڙڪاڻو(رپورٽر  سنڌسماءَچار) باڊهه  ويجهو پٿر دل پٽ 500 رپيا خرچي نه ڏيڻ تي ٻڍڙي ماءُ ۽ اکين جي نور کان محروم وڏي ڀاءُ کي سروٽا هڻي رتورت ڪري فرار ٿي ويو، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين ملم پٽي ڪرڻ بعد واپس گهر روانو ڪيو ويو.  ڳوٺ دڙو ۾ بي رحم پٽ الاهي بخش خرچي نه ڏيڻ تي ٻڍڙي ماءُ ۽ نابين ڀاءُ مولابخش ڪوري کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. پيرسن عورت جو چوڻ آهي ته پئسا نه ڏيڻ تي نافرمان پٽ تشدد جو نشانيو بڻايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *