Sunday , February 2 2025
Breaking News

بحرياٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، سيد قائم علي شاهه، شرجيل ميمڻ سميت 33 ڄڻن خلاف نيب ريفرنس داخل

قومي احتساب بيورو، سرڪاري زمين (بحرياٽائون ڪراچي) تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ جي موجودا سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن جاويد حنيف، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڊي جي ايم ڊي اي) اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد سميت 33 سرڪاري آفيسرز ۽ خانگي جوابدارن کي نامزد ڪري نيب ريفرنس داخل

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي احتساب بيورو، سرڪاري زمين (بحرياٽائون ڪراچي) تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ جي موجودا سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن جاويد حنيف، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڊي جي ايم ڊي اي) اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد سميت 33 سرڪاري آفيسرز ۽ خانگي جوابدارن کي نامزد ڪري نيب ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، احتساب عدالت ڪراچي، ملڪ رياض، سيد قائم علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ، بحرياٽائون جي آفيسرز سميت سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

بحريا ٽائون خلاف داخل ڪيل نيب ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ کي ڏنل ضمانت جي به ڀڃڪڙي ڪئي. عدالت بحريا ٽائون کي460 ارب رپيا جمع ڪرائڻ ۽ سنڌ حڪومت کي زمين جي نئين سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. 21 جنوري 2025 تي نيب چيو هو ته ريئل اسٽيٽ جي ٽائيڪون ۽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ ٻين خلاف فراڊ جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن. نيب موجب ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين ڪراچي (بحريا ٽائون)، راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ بحريا ٽائون جي نالي تي زمينن تي قبضو ڪري اربين رپين جو فراڊ ڪيو آهي.

نيب ريفرنس ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ رياض نيب ۽ عدالت کي گهربل آهي، نيب بحريا ٽائون جا پاڪستان ۾ موجود ڪيترائي اثاثا ضبط ڪيا آهن ۽ هاڻي بحريا ٽائون جا وڌيڪ اثاثا ضبط ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض هن وقت ملڪ مان فرار آهي ۽ دبئي ۾ رهي ٿو، بحريا ٽائون جي مالڪ دبئي ۾ لگزري اپارٽمنٽس جي اڏاوت جي حوالي سان هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي. وفاقي حڪومت 28جنوري تي نيب ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي ملڪ کي گڏيل عرب امارات مان وطن واپس آڻڻ جو عمل شروع ڪيو هو. گذريل سال مئي ۾ ملڪ رياض سماجي رابطن جي ويب سائيٽ  تي پوسٽ ۾ شڪايت ڪئي هئي ته مٿس سياسي رخ اختيار ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ کيس مالي نقصان ٿي رهيو آهي، پر هن واعدو ڪيو هو ته هو سياسي مفادن لاءِ واعدا معاف شاهد نه بڻجندو. ملڪ رياض خلاف ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ مٿس مختلف هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو الزام آهي. نيب موجب ملڪ رياض بحريا ٽائون ڪراچي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي واجب الادا رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

About admin

Check Also

سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، ڳوٺاڻن جو لاش رکي ڌرڻو

سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، ڳوٺاڻن جو سانگهڙ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *