تهران (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) هڪ پاسي آمريڪا ۽ ايران سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي ته ٻئي پاسي برطانيا پاران ايران سان لاڳاپن کي هٿي ملڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن، برطانيا پاران اولهه جي ٻين ملڪن ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ به سرگرم ٿين ويو آهي؛ برطانوي پرڏيهي وزير جيريمي هنٽ ايران جي دوري تي لٿل آهي جتي هن ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سميت مختلف اختيارين سان به ملاقاتون ڪيون آهن. برطانوي پرڏيهي وزير جيريمي هنٽ ايران جي سرڪاري دپري دوران جواد ظريف سان شروعاتي ڳالهين دوران آمريڪي پابدين ۽ روين بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هڪ پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ايران مٿان آمريڪي پابنديون مڙهجڻ کانپوءِ جيريمي هنٽ پاران ايران جو پهريون دورو آهي ۽ برطانيا اولهه جي ملڪن مان پهريون ملڪ آهي جنهن ايران سان ڳالهين ذريعي معاملا سلجهائڻ لاءِ عملي قدم کنيو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ان دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب محمد جواد ظريف کانسواءِ ٻين اعليٰ حڪومتي اهلڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. برطانوي اختيارين طرفان جاري ڪيل سرڪاري سطح جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان دوري دوران جيريمي هنٽ ايراني حڪومت تي واضح ڪندو ته برطانيا جوهري معاهدو سان گڏ پنهنجي ڪمٽمنٽ پوري ڪرڻ جو عزم رکي ٿو.
Check Also
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …