Tuesday , April 1 2025
Breaking News

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والد آصف زرداري جي قدم تي، سوال هڪڙو، جواب جو منهن نه ســِـــرُ

 TMK Bilawal1Asif Ali Zardari

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد آصف علي زرداري جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ جهرڪ-ملاڪاتيار پل جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهين دوران هڪ صحافي جي سوال اهڙو گول ڪري ويو جو سوال ڪندڙ رپورٽر به پريشان ٿي ويو.
ٽنڊو محمد خان ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران حيدرآباد جي صحافي فيض کوسو سوال ڪيو ته، “ سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪميشن سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪرڻ بعد آبزرويشنز ۾ چيو آهي ته، سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه پيو ڪيو وڃي، ان بابت اوهان ڇا چوندا؟ ”.
ان سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، – “ سنڌ حڪوڳمت پاڻي جي معاملي تي ڪم ڪيو آهي، پاڻي جي ذخيرن تي به ڪم ڪيون پيا، جن ۾ آبپاشي جا منصوبا به شامل آهن، ڪئنالز جي لائيننگ به ڪئي پئي وڃي، سمورا صوبا جيڪڏهن هڪ پيج تي اچن ته اسان ان مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا.”

TMKB

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *