بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي حملو ڪيس، جوابدار آجا، بلاول تي 2018 جي عام چونڊن جي مهم دوران لياري ۾ حملو ٿيو هو
ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي لياري ۾ حملو ڪندڙ سمورن جوابدارن کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلاول ڀٽو جي قافلي تي حملي واري ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع جي چونڊن جي موقعي تي مهم دوران بلاول ڀٽو جي قاتلي تي ٿيل حملي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. عدالت پي ايس 207 تي متحده اُميدوار سوڌو ٻين جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. پ پ چيئرمين جي قافلي تي حملي جو ڪيس ڪلري ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ متحده اُميدوار رفيق هڱورو سوڌو ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو. جوابدارن تي فساد، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ چڙهايون ڪرڻ جا قلم لاڳو ٿيل هئا.