Sunday , April 20 2025
Breaking News

بلاول ڀٽو زرداري هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ جو ميمبر مقرر

اسلام آباد (رپورٽر    سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت سول سروسز  جَي گريڊ21 مان 22 جي ترقين واري هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ ۾ ٻن سياستدانن کي مقرر ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت جي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ اڳواڻ دفاع واري وزير خواجا آصف کي هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ 21هين گريڊ جي سينيئر ڪامورن کي 22هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ وارن معاملن کي ڏسندو آهي. هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ خواجا آصف هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪري سگهندا ۽ سينيئر ڪامورن کي 21 مان 22هين گريڊ ۾ ترقين ڏيڻ جا معاملا به ڏسندا.

About admin

Check Also

ارسا پنهنجي ئي موقف تان ڦِري وئي، پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پنجاب حڪومت کي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *