بلاول ڀٽو ننڍڙائي جو دوست آهي، پر هن سان 30 سالن کان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، اسان سوش:سٽ خيال جا ماڻهو آهيون، هتي ٻيا ساڄي ڌر يا ساڄي ڌر وارن جي ويجهو آهن: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

حيدرآباد ( بيورو رپورٽر سنڌسماءَچار) منهنجا سنڌ ۾ سياست ڪندڙ ڪافي دوست آهن، اليڪشن ايندي ته ڪو نه ڪو اتحاد ٺهندو، سيد زين شاهه خودمختياريءَ تي يقين رکي ٿو، اسان ٻئي پاڪستان جي اتحاد ۾ يقين رکون ٿا؛ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ۽ ٻلهڻ جي نسل بچائڻ، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ ذوالفاقر ڀٽو جوئينر صحافين سان ڳالهائيندي ۽ سولان جا جواب ڏيندي چيو ته، سيد زين شاهه سان ڪافي ذهني هم آهنگي آهي، هُو ڪافي وقت کان بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، مان هن جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهيان. ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته سيد زين شاهه خودمختياري جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا مان به ڪيان ٿو ۽ اها بنيادي ڳالهه آهي. مان ۽ زين شاهه پاڪستان جي اتحاد ۾ يقين رکون ٿا،هن چيو ته اسان سوشلسٽ ماڻهو آهيون، ٻيون سڀ جماتون ساڄي ڌر جون يا ساڄي ڌر وارن کي ويجهيون آهن، انڪري انهن سان نٿا هلکلکي سگهون، سيد زين شاهه سان ئي گڏجي ڪم ڪري سگهان ٿو ٻيو ڪنهن سان به ڪم نه ڪندس.

ذوالفقار جونيئر جو چوڻ هو ته، بلاول ڀٽو منهنجو ننڍڙائي جو دوست آهي پر هن سان ٽِيهَن سالن کان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پنهنجزين ( بلاول ڀٽو) سان گهڻي محبت ڪندو آهيان، اها حقيقت آهي ته بابا جي شهادت کان اڳ اسان گهڻو ملندا هئاسين، بابا چوندو هو ته وڏن جي روين جو اثر ننڍن تي نه پوڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سنڌي آهيان، روايتي ماڻهو آهيان، رت جي رشتن جو احترام ڪندو آهيان. هن چيو ته پيپلزپارٽي سان گڏجي ڪم نه ٿهو ڪري سگهجي، پ پ جا اڳواڻ ئي پارٽي سان سچا ناهن. هن چيو ته منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو منهنجي سياسي استاد آهي، هر معاملي تي هن سان صلاح مشورا ڪندو آهيان، هوءَ منهنجي بهترين گائيڊ آهي.
سنڌسماءَچار