بلوچستان ۾ ڪرپشن: خالد لانگو ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿي ويو

Mushtaq Raesani 1  Mushtaq Raesani 3

اربين رپين جي مالي گهوٻين ۾ ملوث بلوچستان جي ناڻي کاتي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ٺيڪيدار سهيل مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڪوئٽا جي احتساب عدالت ۾ بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب مالي گهوٽالي جي الزام هيٺ آيل بلوچستان جي ناڻي کاتي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ٺيڪيدار سهيل مجيد کي عدالت آڏو پيش ڪيو.

احتساب عدالت جي جج جوابدارن کي مٿن لاڳايل الزامن جا تفصيل پڙهي ٻڌايا، جن کي جوابدارن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Khalid Lango 1Mushtaq Raesani 2

جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار بعد مٿن فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 هين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *