Wednesday , April 2 2025

بلوچستان ۾ ڪرپشن: خالد لانگو ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿي ويو

Mushtaq Raesani 1  Mushtaq Raesani 3

اربين رپين جي مالي گهوٻين ۾ ملوث بلوچستان جي ناڻي کاتي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ٺيڪيدار سهيل مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڪوئٽا جي احتساب عدالت ۾ بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب مالي گهوٽالي جي الزام هيٺ آيل بلوچستان جي ناڻي کاتي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ٺيڪيدار سهيل مجيد کي عدالت آڏو پيش ڪيو.

احتساب عدالت جي جج جوابدارن کي مٿن لاڳايل الزامن جا تفصيل پڙهي ٻڌايا، جن کي جوابدارن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Khalid Lango 1Mushtaq Raesani 2

جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار بعد مٿن فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 هين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *