ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار)پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم، ايس 3 ۽ 5 ٽريٽمينٽ پلانٽ منصوبن ۾ وفاقي حڪومت طرفان رقم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي پلاننگ ڪميشن جي سربراهه کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. پاڻي ڪميش جي ڪارروائي دوران چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي پلاننگ ڪميشن جو چيئرمين پيش ٿيا. پلاننگ ڪميشن چيئرمين، پاڻي ڪميشن اڳيان پيش ٿيندي چيو ته وفاقي حڪومت ايس 3 ۽ 5 ٽريٽمينٽس گڏيل منصوبن لاءِ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻنهي منصوبن لاءِ وفاق کي 50 سيڪڙو فنڊز ڏيڻا هئا. پلاننگ ڪميشن سربراهه چيو ته ايڪنڪ جي اجلاس ۾ فنڊز فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته اڄ تائين ايڪنڪ جي ان ميٽنگ جا منٽس به فراهم نه پيا ڪيا وڃن. چيف سيڪريٽري چيو ته وفاقي بيوروڪريسي منصوبن جي اڳڀرائي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اهڙي آگاهي کانپوءِ پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پلاننگ ڪميشن سربراهه کي سمورا معاملا لکت ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …