Tuesday , April 1 2025
Breaking News

بينظيرڀٽو قتل ڪيس پرويز مشرف خلاف ڌار هلايو ويندو

Benzir Bhutto 01

راولپنڊي جي راولپنڊيءَ جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي قتل واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪاري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ واضع طور چيو ويو آهي ته سعود عزيز بينظير ڀٽو جي باڪس سڪيورٽي هٽرائي، هڪ ڪلاڪ 40 منٽن کانپوءِ ئي ڪرائيم سين ڌوئڻ سان شاهديون ضايع ٿيون ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا گڏ ڪرڻ ممڪن نه رهيو فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ سبب بينظير ڀٽو جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پرويز مشرف خلاف ڌار ڪيس هلايو وڃي.

راولپنڊي جي احتساب عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل فيصلي موجب پوليس بينظير ڀٽو جي گاڏي کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو ۽ واردات واري جڳهه هڪ ڪلاڪ 40 منٽن ۾ ڌوئي صاف ڪئي وئي، پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ سبب موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. راولپنڊي جي احتساب عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس بابت ڪجهه ڏينهن اڳ مختصر فيصلو ٻڌايو هو، اڄ ساڳي عدالت جي جج اصغر خان پاران لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. تفصيلي فيصلي موجب بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 5 جوابدارن تي فريادي ڌر ڏوهه ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس شاهديون پيش نه ڪري سگهي، گرفتار جوابدارن کي شڪ جو موقعو ڏيندي آزاد ڪيو وڃي ٿو. تحريري فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بينظير قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ڌار ڪيس هلايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *